يرمياہ 13:10 - Muslim Sindhi Bible10 هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو. Faic an caibideilSindhi Bible10 اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي. Faic an caibideil |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.