يرمياہ 12:6 - Muslim Sindhi Bible6 سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“ Faic an caibideilSindhi Bible6 ڇالاءِ جو خود تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ابي جي گهراڻي بہ تو سان دغابازي ڪئي آهي؛ انهن بہ تنهنجي پٺيان وڏيون رڙيون ڪيون آهن: جيتوڻيڪ اُهي توسان مٺو ٿا ڳالهائين تہ بہ تون انهن تي ويساهہ نہ رک. Faic an caibideil |
آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“