يرمياہ 12:5 - Muslim Sindhi Bible5 خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي، تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟ جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو، تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟ Faic an caibideilSindhi Bible5 جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟ Faic an caibideil |
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“
جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي بابلين کي اک ڇنڀ ۾ سندن شهر مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو اچي سگھي ٿو؟