Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:3
23 Iomraidhean Croise  

”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


اي منهنجا خدا! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون دلين کي جاچيندو آهين ۽ سچائيءَ مان خوش ٿيندو آهين. هي سڀ شيون مون رضا خوشيءَ سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏنيون آهن. هاڻ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ تنهنجي قوم، جيڪا هتي حاضر آهي تنهن ڪيئن نہ تنهنجي حضور ۾ رضا خوشيءَ سان نذرانا آندا آهن.


مگر هو منهنجي راهہ کان واقف آهي، هو جڏهن بہ مون کي پرکيندو تہ آءٌ نج سون جيان کرو نڪرندس.


هو سچار ۽ بدڪار ٻنهي کي جاچي ٿو. سو جيڪو بدڪاريءَ ۽ ظلم کي پسند ڪري ٿو، تنهن کان هو نفرت ٿو ڪري.


اي خدا! تون مون کي پرکي منهنجيءَ دل کي ڄاڻي وٺ. هائو، تون مون کي آزمائي منهنجو هر خيال پروڙي وٺ.


ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري،


اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان.


تون بڇڙن جي بڇڙائيءَ جو خاتمو ڪر، ۽ سچارن کي قائم وَ دائم رک، ڇاڪاڻ تہ اي سچا خدا! تون ئي دل ۽ دماغ جو جاچيندڙ آهين.


پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو، ۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو، تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي، سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.


تباهي مچائيندڙ لشڪر موآب جي شهرن تي ڪاهي ايندو، ۽ انهيءَ جي چونڊ جوان مردن کي قتل ڪيو ويندو. آءٌ ئي بادشاهہ آهيان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ هي سڀ آءٌ ئي ٿو چوان.


ان جي سڀني جوڌن جوانن کي ڏاندن جيان ڪهي ڇڏيو. ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ انهن جي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.“


هو پنهنجي شهر جي گھٽين ۾ زخمن کان چور ۽ قتل ٿيا پيا هوندا.


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.


انهن ڪوڙي تعليم ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان ناواقف آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan