Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:15 - Muslim Sindhi Bible

15 کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:15
16 Iomraidhean Croise  

بلڪ اوهين هن طرح قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ اوهان کي وري پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻيندس جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.“


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


انهيءَ وقت تہ اوهين يروشلم کي ”خداوند جو تخت“ سڏيندا ۽ سڀ قومون مون خداوند جي نالي کي تعظيم ڏيڻ لاءِ يروشلم ۾ گڏ ٿينديون، ۽ اڳتي اوهين پنهنجي شرير دل جي هوڏ مطابق نہ هلندا.


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


انهي هوندي بہ ايندڙ وقت ۾ خداوند موآب جي خوشحالي وري بحال ڪندو. سو موآب جي سزا بابت خداوند جو فرمان هتي پورو ٿيو.


تنهن هوندي بہ آءٌ ايندڙ ڏينهن ۾ عيلام وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر بعد ۾ آءٌ اوهان بني عمون وارن جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر جڏهن هو اوج تي پهچندو، تڏهن سندس شهنشاهت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اها ٽڪرا ٽڪرا ٿي چئن حصن ۾ ورهائجي ويندي. انهيءَ مان ڪوبہ حصو سندس اولاد کي نہ ملندو، بلڪ اهي سڀ حصا ٻين جي حوالي ٿيندا. انهن حصن جي حشمت سندس حڪومت جهڙي نہ رهندي.


آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خوشحالي وري بحال ڪندس. اهي پنهنجي برباد ٿيل شهرن کي وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا. هو انگورن جا باغ وري لڳائيندا ۽ انهن جي مئي پيئندا. اهي ٻين ميون جا باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جا ميوا بہ کائيندا.


جيستائين بني اسرائيل مان هر هڪ ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيستائين اسين پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.


’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


تہ پوءِ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي خوشحالي بحال ڪندو. هو اوهان تي رحم ڪندو ۽ جن جن قومن ۾ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان اوهان کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan