Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:12
31 Iomraidhean Croise  

مون خداوند جي تلوار انهن جي رت، ۽ چرٻيءَ سان ائين ڀرجي ويندي، جيئن قربان‌گاهہ گھيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان ۽ گھٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان ڀرجي ويندي آهي. آءٌ خداوند بُصراہ شهر ۾ اهڙي قرباني ڪندس، بلڪ ادوم جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو وڏو قتلام ڪندس.


انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘


آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟ تون بيابان جي رستن جي ڪناري پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين، جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن. تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري ۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.


تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ ’اي خداوند جي تلوار! تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟ هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘


موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا.


اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،


هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي، ۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي.


يا جيڪڏهن آءٌ انهيءَ ملڪ تي جنگ موڪليان ۽ موتمار هٿيارن سان انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي قتل ڪرائي ڇڏيان،


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


منهنجي تلوار ڏکڻ کان اتر تائين سڀني انسانن مٿان وهندي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


خداوند مون کي فرمايو تہ


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ تلوار، هائو، تلوار تکي ڪري چمڪائي ويئي آهي.


انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“


اي سوڊان جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.


آءٌ پنهنجي تيرن کي رت پيئاري مست ڪندس، پوءِ اهو رت جنگ ۾ قتل ٿيلن جو هجي توڙي قيد ٿيلن جو. آءٌ پنهنجي تلوار کي ماس کارائيندس، اهو ماس جيڪو دشمنن جي سردارن جي سر جو هوندو.‘


ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ سلامتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan