Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:1
44 Iomraidhean Croise  

پڪ تون سچارن کي بدڪارن سان گڏ نہ ماريندين. ائين نہ ٿو ٿي سگھي، تون ائين نہ ٿو ڪري سگھين. جيڪڏهن ائين ڪندين تہ پوءِ سچار بدڪارن جهڙا ليکبا. ائين نہ ٿو ٿي سگھي. سڄي دنيا جي انصاف ڪرڻ واري کي انصاف ڪرڻو آهي.“


اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“


جيڪي ڪجھہ اسان سان ٿيو آهي، تنهن ۾ تون حق تي آهين. بيشڪ تون وفا سان هليو آهين، پر اسين بڇڙائي ڪندا رهيا آهيون.


جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.


سو هاڻي آءٌ اوهان سان نہ، بلڪ قادرِمطلق سان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجو مقدمو خدا وٽ پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.


شهر جي گھٽين مان زخمين جون دانهون ۽ مرڻينگ ماڻهن جون ڪوڪون ٿيون ٻڌجن، تڏهن بہ خدا ظلم جي خلاف ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري.


خدا انهن کي آرام ڏئي ٿو، ۽ ان آرام کي هو پائيدار سمجھن ٿا، پر خدا سندن هر قدم تي پنهنجي نگاهہ رکي ٿو.


انهن جون پاڙون توڙي جو پٿرن جي ڍڳ کي چوڌاري ويڙهجي وڃن ٿيون، يا وري پٿريلي جاءِ ۾ داخل ٿين ٿيون،


بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي.


اي خداوند! بيشڪ تون صادق آهين، تنهنجا قاعدا قانون بلڪل سچا آهن.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي.


بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


مون بدڪار ماڻهوءَ کي ڏاڍو زور وٺندي ڏٺو آهي، هائو، جهڙيءَ طرح ڀلي ٻنيءَ ۾ لڳل سائو وڻ زور وٺي ٿو.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.


بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.


تنهن هوندي بہ هڪڙي ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي، جيڪا هن دنيا ۾ ڪئي پيئي وڃي. اها هيءَ آهي جو هتي سچارن سان اهڙي بري هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا بدڪارن سان ڪرڻ گھربي هئي ۽ هتي بدڪارن سان اهڙي سٺي هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سچارن سان ڪرڻ گھربي هئي. تڏهن مون چيو تہ اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ”اوهين اي غير قومن جا معبودؤ! پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو، اچو پنهنجا مضبوط دليل پيش ڪريو.


مون ڄاتو ٿي تہ اوهان جي هلت چلت تمام دغابازيءَ واري آهي، ۽ ڄمڻ کان وٺي اوهين باغي ٿا سڏجو. تنهنڪري مون جيڪي ڪجھہ چيو ٿي، سو اوهان ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ نہ چاهيو، بلڪ قديم وقت کان ئي اوهان جا ڪن بند هئا.


پر مون دعا گھري تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين، ۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين، سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان، ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“


سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار، جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي. انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن. سو انهن تي اعتبار نہ ڪر، توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“


پر ان جي بدران اي منهنجي قوم! تو هڪ بي‌وفا زال وانگر مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


مون سوچيو تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي ايندي، پر ائين نہ ٿيو. سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو آهي.


باروڪ ولد نيرياہ کي خريداريءَ وارا دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گھري تہ


اسرائيل ۽ يهوداہ وارن منهنجي ڏاڍي نافرماني ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين چوان ٿو.“


ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافرخانو هجي ها، تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي کانئن پري وڃي اتي رهان ها، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بي‌وفائي ڪندڙ ۽ دغابازن جو ٽولو آهن.


تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.


انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن.


تو خداوند پنهنجي چوڪسيءَ جي نظر رکندي اسان تي اها آفت نازل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا پنهنجي سڀني ڪمن ۾ جيڪي تون ڪرين ٿو سچار آهين. پر اسان ئي تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.


اي پروردگار! تون ئي واعدي جو سچار آهين، پر اسين تو سان ٻڌل عهد سان بي‌وفائي ڪري خوار خراب ٿيا آهيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. هائو، اسين يروشلم سميت سڄي يهوداہ جا رهاڪو، بلڪ سڄي بني اسرائيل وارا خوار خراب آهيون، جن کي تو ويجھن توڙي پري وارن ملڪن ۾ هڪالي ڇڏيو آهي.


پر اي اسرائيل وارؤ! اوهان منهنجي قوم هوندي آدم واري هنڌ پهچڻ کان وٺي مون سان ڪيل عهد اقرار ٽوڙيندا رهيا آهيو. هائو، انهيءَ وقت کان وٺي اوهين مون سان بي‌وفائي ڪندا رهيا آهيو.


تنهنڪري شريعت لولي لنگڙي ٿي پيئي آهي ۽ انصاف جو تہ نالو ئي ڪونہ رهيو آهي. شرير ماڻهو سچن کي وڪوڙي ٿا وڃن، تان جو انصاف بگڙي ٿو وڃي.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“


اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪ‌بخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan