Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خداوند مون کي فرمايو تہ ”يروشلم جي رهاڪن ۾، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن ۾ هڪ سازش ٿي رهي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ خداوند مون کي فرمايو تہ يهوداہ جي ماڻهن ۾، ۽ يروشلم جي رهاڪن ۾ هڪڙو منصوبو معلوم ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:9
13 Iomraidhean Croise  

نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


منجھن ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا.


انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan