يرمياہ 11:8 - Muslim Sindhi Bible8 پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“ Faic an caibideilSindhi Bible8 انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي. Faic an caibideil |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.