يرمياہ 11:6 - Muslim Sindhi Bible6 خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”هنن سڀني ڳالهين جو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ اعلان ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’اوهين هن عهد جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي عمل ڪريو. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اهي سڀ ڳالهيون يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ انهن جي تعميل ڪريو. Faic an caibideil |
پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.