Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:19 - Muslim Sindhi Bible

19 مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:19
28 Iomraidhean Croise  

ڪوبہ انسان انهيءَ جو قدر ڪين ٿو ڄاڻي، نڪي اها جيئرن جي هن دنيا مان حاصل ڪري سگھجي ٿي.


شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي!


انهن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو، بلڪ انهن سچارن جي ياد هميشہ تائين رهندي.


سو هاڻ آءٌ خداوند جي حضور ۾، جيئرن جي هن دنيا اندر هلندو رهندس.


تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين.


مون کي اهو يقين آهي تہ نيٺ آءٌ تو خداوند جي ڀلائي ڏسندس، هائو، جيئرن جي هن دنيا ۾ ئي آءٌ اها ڏسندس.


گھڻا ئي دشمن منهنجي خلاف گڏجي سازشون ڪن ٿا، ۽ منهنجي مارڻ لاءِ منصوبا ٿا ٺاهين. آءٌ کين سس پس ڪندي ٻڌان ٿو، سو مون کي هر پاسي کان ڊپ آهي.


پر جڏهن مون کي ٿاٻو آيو تڏهن هو خوش ٿي اچي گڏيا. اهي ظالم ماڻهو ميڙ ڪري اچي مون تي ڪڙڪيا، ۽ جڏهن انهن منهنجو ماس پئي پٽيو، تڏهن اهي مون کي سڃاڻڻ ۾ ئي نہ پئي آيا.


تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


هو هيئن چون ٿا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل قوم کي اهڙو برباد ڪري ڇڏيون، جو انهيءَ جو ڪو وجود ئي نہ رهي، ۽ نہ وري سندن ڪو ذڪر ٿئي.“


نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.


انهن بدڪار ماڻهن وانگر نہ ٿيو، جيڪي ڪنهن ايماندار ماڻهوءَ کي لٽڻ ڦرڻ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وارن کي نقصان ٿا پهچائين.


سو هو هڪدم ائين سندس پٺيان لڳي پيو، جيئن ڪو ڪنڌ جھڪايل ڏاند ڪسجڻ لاءِ نيو ويندو آهي، يا جيئن ڪو هرڻ ڦندي ۾ ڦاسجڻ لاءِ ويندو آهي،


جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تان‌تہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.


هائو، مون سوچيو ٿي تہ جيئرن جي هن جهان ۾، آءٌ پاڻ جهڙن انسانن کي وري ڪين ڏسندس، نڪي وري خداوند جي هيڪل ۾ وڃي سندس آڏو حاضر ٿيندس.


هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


پر جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪئي جن جي ٻڌائڻ جو خداوند مون کي حڪم ڪيو هو، تڏهن انهن سڀني اچي مون کي پڪڙي سوگھو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هاڻ تو کي جيئرو نہ ڇڏينداسين.


جيڪي بہ سازشون هنن وير وٺڻ لاءِ جوڙيون آهن، تن سڀني تي غور ڪر.


عيلام جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي پنهنجي دشمنن ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي اهي اڻ‌طهريل جي حالت ۾ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن ۽ جنگ ۾ قتل ٿي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار آهن.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


خداوند مون هوسيع کي اسرائيل وارن جي سڌاري لاءِ نبي بڻائي موڪليو آهي. پر هو جتي ڪٿي مون کي پکيءَ جيان ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بلڪ خدا جي هيڪل ۾ بہ مون کان ڏاڍي نفرت ڪئي ٿي وڃي.


جد قبيلي مان الياسف ولد دعو‌ايل،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan