پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“