Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:17
33 Iomraidhean Croise  

آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اتي اهڙو تہ ڄمائيندس جو هو انهيءَ جاءِ تي ئي رهندا ايندا ۽ وري اتان ڪين چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن،


هن يهوداہ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ غير معبودن جي لاءِ پوڄا گھر ٺهرايا تہ جيئن اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياري.


هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


هائو، انهيءَ ول تي پنهنجو رحم ڪر، جيڪا تنهنجي زورآور هٿ لڳائي آهي. يعني پنهنجي انهيءَ قوم تي ٻاجھہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجي لاءِ وڌائي مضبوط ڪيو آهي.


اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.


تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي.


”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي.


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي،


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي اُهي سڀ مصيبتون آڻڻ وارو آهيان جن جي آڻڻ بابت آءٌ اڳي ئي ٻڌائي چڪو آهيان. مون اوهان سان ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو. مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب نہ ڏنو.“


ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“


آزاد ڪرڻ وقت محافظن جي سالار مون کي سڏائي چيو هو تہ ”هن ملڪ ۾ جيڪا آفت آئي آهي تنهن جو فرمان خداوند تنهنجي خدا جاري ڪيو هو.


هاڻ خداوند اها آفت آڻي پوري ڪئي آهي ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ئي ڪيو اٿس. اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ ان جي نافرماني ڪئي آهي.


’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي.


پر اوهان نہ ٻڌو ۽ نہ وري ڪو ڌيان ئي ڏنوَ. اوهين غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ واري پنهنجي شرارت کان باز نہ آيا.


مصر ملڪ جتي اوهين رهڻ لاءِ آيا آهيو، اتي ڇو غير معبودن جي پوڄا ڪندي سندن اڳيان قربانيون پيش ڪري اوهين مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؟ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ کي برباد ڪري دنيا جي سڀني قومن منجھہ لعنت ۽ ملامت جوڳو بڻائيندا.


سو خداوند تو کي فرمائي ٿو تہ ’جيڪي مون اڏيو آهي تنهن کي ڊاهي ٿو ڇڏيان ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو پاڙان پٽي ٿو ڪڍان. سو آءٌ سڄي دنيا ۾ ائين ئي ڪندس.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


پوءِ هن اسرائيل ملڪ مان ٻج بہ کنيو ۽ اهو آڻي جھجھي پاڻيءَ جي ڪناري واري زرخيز ٻنيءَ ۾ پوکيائين، تہ جيئن بيد جي وڻ وانگر


اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا، جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو. پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو، تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون غير معبودن جون قربان‌گاهون اڏيندا ويا. جيتري سندن زمين ڦلدار هئي، اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan