Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 مون خداوند کين سهڻن ميون سان سينگاريل سرسبز زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو. پر هاڻ هڪڙي وڏي گجگوڙ سان آءٌ انهيءَ وڻ جي پنن کي ساڙي وجھندس ۽ ان جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 خداوند توکي سهڻن ميون سان سينگاريل سائي زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو: هڪڙي وڏي غلغلي جي آواز سان هن اُنهن تي باهہ ٻاري آهي، ۽ انهي جون ٽاريون ڀڄي پيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:16
18 Iomraidhean Croise  

بدڪار ماڻهو انهن ٻوٽن وانگر اڀرن ٿا، جيڪي سٺي موسم ۾ وڌن ٿا. انهن ٻوٽن جيان جيڪي سڄي باغ ۾ پکڙجي ٿا وڃن.


پر آءٌ خدا جي گھر ۾ زيتون جي سرسبز وڻ وانگر آهيان. منهنجو ڀروسو هميشہ تائين خدا جي دائمي شفقت تي آهي.


دشمنن ان ول کي وڍي ڪيرايو آهي ۽ باهہ لڳائي اٿائونس. سو تون انهن ڏانهن قهر جي نظر ڪر ۽ کين فنا ڪري ڇڏ.


پر تون اسان تي پنهنجو هٿ رک، جن کي تو چونڊي پنهنجي خاص قوم ڪيو آهي، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم تي جنهن کي تو مضبوط ڪيو آهي.


ڏس، تنهنجا دشمن هُل هنگامو پيا مچائين. هائو، جيڪي تو سان عداوت رکن ٿا تن سرڪشي ڪئي آهي.


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس. آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


هنن جون ٽاريون اهڙيون پکڙبيون، جو منجھائن زيتون جي وڻن جهڙي سونهن نظر ايندي، ۽ لبنان جي وڻن جهڙي خوشبوءَ ايندي.


هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.


جيڪو مون ۾ نہ رهندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو. اهڙيون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ اهي ميڙي گڏ ڪري باهہ ۾ اڇلائي ساڙيون وينديون آهن.


اوهان جي سڄي ملڪ ۾ زيتونن جا وڻ هوندا، پر اوهين انهن جو تيل ڪين مکيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي انهن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو.


اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan