يرمياہ 11:15 - Muslim Sindhi Bible15 جنهن قوم سان آءٌ پيار ٿو ڪريان سا ڇا ٿي ڪري؟ ايتري گھڻي بدڪاري ڪرڻ بعد منهنجي هيڪل ۾ اچڻ جو کين ڪهڙو حق آهي؟ ڇا هو سمجھن ٿا تہ جانورن جون قربانيون ڪرڻ ۽ واعدن ڪرڻ سان هو پاڻ تان مصيبت ٽاري سگھندا؟ Faic an caibideilSindhi Bible15 منهنجي گهر ۾ منهنجي محبوبہ جو ڪهڙو ڪم آهي، جڏهن ڏسجي ٿو تہ هن گهڻن سان بيشرمي ڪئي آهي، ۽ پاڪ گوشت تو منجهان نڪري هليو ويو آهي؟ جڏهن تون بڇڙائي ڪرين ٿي تڏهن خوش ٿي ٿين. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
اي يروشلم! خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي، جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي. هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي، جيئن ڪو زناڪار ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي، يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي. اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي! ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.
خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“