Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:13
24 Iomraidhean Croise  

غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


هن يهوداہ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ غير معبودن جي لاءِ پوڄا گھر ٺهرايا تہ جيئن اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح هن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڪاوڙ ڏياري.


ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربان‌گاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو.


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


”ڇا خداوند کي اهي قربانيون ياد ناهن جيڪي اوهين، اوهان جا ابا ڏاڏا، اوهان جا بادشاهہ، اوهان جا عملدار بلڪ اوهان جا سڀيئي ماڻهو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پيش ڪندا هئا؟ ڇا اهي خداوند کان وسري ويون آهن؟


پر اوهان نہ ٻڌو ۽ نہ وري ڪو ڌيان ئي ڏنوَ. اوهين غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ واري پنهنجي شرارت کان باز نہ آيا.


موآب ۾ غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ قربانيون ساڙڻ ۽ سندن معبودن لاءِ نذرانا پيش ڪرڻ کي آءٌ بند ڪرائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


بلڪ تو هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اهڙيون جايون ٺاهيون جتي تون بتن جي پوڄا ڪرين ۽ زناڪاري ڪرين.


اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا، جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو. پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو، تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون غير معبودن جون قربان‌گاهون اڏيندا ويا. جيتري سندن زمين ڦلدار هئي، اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan