Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:9
12 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ کي حيرام جي سامونڊي جهازن سان گڏ تجارتي سامونڊي جهاز بہ هئا. ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو اُهي جهاز سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور کڻي موٽندا هئا.


سليمان کي تجارتي سامونڊي جهاز هئا جيڪي حيرام بادشاهہ جي جهازن سان ايندا ويندا هئا. هر ٽئين سال اهي جهاز ترسيس کان ٿي موٽندا هئا ۽ پاڻ سان سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور آڻيندا هئا.


پر انهن جا معبود رڳو چانديءَ ۽ سون جا ٺاهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن جي هٿن جي ڪاريگري آهن.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


اي سمنڊ جي ڪناري وارن انهن شهرن جا رهاڪؤ! اوهين زاروزار روئندي ترسيس ڏانهن ڀڄي وڃو،


ڇا ڪنهن بي‌جان مورتيءَ سان؟ جڏهن تہ انساني هٿن جي ڪاريگريءَ سان اها اُڪري ٺاهي وڃي ٿي، جنهن تي سونارو سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو.


تون واپار جو هڪڙو وڏو مرڪز هئين، ۽ هر طرح جي مال جي تو وٽ گھڻائي هئي. تنهنڪري ترسيس جا واپاري تنهنجي بازارن ۾ چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهو آڻي واپار ڪندا هئا.


تنهنجو سِڙهہ سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو، جيڪو مصر مان آندو ويو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي. تنهنجو شاميانو عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.


تڏهن مون اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي هستي بيٺي آهي، جنهن جي چيلهہ سان نج سون جو ڪمربند ٻڌل هو.


اهي آهن اسرائيل وارن جا ڪرتوت جو انهن منجھان ڪنهن ڪاريگر پنهنجي هٿن سان اهو گابو جوڙيو آهي، ۽ اهي انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا سمجھن ٿا. سامريہ جي انهيءَ سوني گابي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


سو ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪاٺيءَ کي چئو ٿا تہ ”جاڳ!“ يا وري بي‌جان پٿر کي ٿا چئو تہ ”اُٿ!“ انهن مان اوهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ان بت تي سون ۽ چاندي تہ چاڙهي ويئي آهي پر منجھس ساهہ تہ آهي ئي ڪونہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan