8 جڏهن تہ هي سڀ بيعقل ۽ بيوقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!
8 پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.
جيڪي انهن کي ٺاهين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا ڪن، سي اهڙا ئي لاچار وَ مجبور آهن، جهڙا سندن اهي بت بيڪار آهن.
هاڻ جيڪي انهن کي جوڙين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀيئي بہ انهن جهڙا ئي ٿي پوندا.
ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بيجان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“
اهڙا ماڻهو بيوقوف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي نہ ٿا سمجھن تہ اهو ڪم فضول آهي. ائين ٿو لڳي تہ هنن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، ڇو تہ اهي ڏسي نہ ٿا سگھن تہ اهو ڪم ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. هنن پنهنجي عقل کي ڄڻ تہ تالو هڻي ڇڏيو آهي، ڇو تہ اهي سمجھي نہ ٿا سگھن تہ اهي بت ڪوڙا معبود آهن.
انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“
اهو ڏسندي هر بتپرست ماڻهو بيسمجھہ ۽ اڻڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.
اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘
کيس ڪوبہ شرم نہ آيو. هن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندي ڄڻ زناڪاري ڪري ملڪ کي پليت ڪيو آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بيعقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“
تڏهن مون سوچيو تہ ”هو ويچارا نادان آهن. هو نہ ٿا ڄاڻن تہ خداوند جو رستو ڪهڙو آهي، ۽ سندن خدا کانئن ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو.
ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪاٺيءَ جي پتلي کي کوڙي ان کان ئي سوال ٿي ڪري. هائو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪن ٻين شين کان پڻ اهي صلاح مشورو گھرن ٿا. جيئن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڪسبياڻي بڻجي ٻين وٽ وڃي ٿي، تيئن ئي اهي مون پنهنجي خدا کي ڇڏي بتن جي پٺيان لڳا آهن.
جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.
تراشيل بت يا پلٽيل مورتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟ اهي تہ رڳو انساني هٿ جا ٺهيل آهن، ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهن. پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيءِ تي انسان ڪيئن ڀروسو ڪري ٿو، جڏهن تہ اهي ڳالهائي بہ نہ ٿا سگھن؟
بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي.