Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ٻڌو، خبر آئي آهي تہ اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي! انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:22
16 Iomraidhean Croise  

انهيءَ جي محلاتن ۽ ڪوٽ وارن شهرن ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. ملڪ رڳو گدڙن ۽ اُلو پکين جي جُوءِ بڻجي ويندو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ ”هن ملڪ تي اتر کان مصيبت اچي ڪڙڪندي.


هائو، آءٌ ئي اتر وارين بادشاهتن جي سڀني ماڻهن کي سڏائڻ وارو آهيان. انهن جا بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندا ۽ ڪوٽ واري شهر يروشلم ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن کي چوڌاري گھيرو ڪندا. هو يروشلم جي ڪوٽ واري هر دروازي تي پنهنجو شاهي اختيار قائم ڪندا.


غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


دان شهر ۽ افرائيم جي جابلو علائقي مان آيل قاصد مصيبت جو اعلان ڪن ٿا.


صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.


حصور گدڙن جي جوءِ بڻبو ۽ هميشہ لاءِ هڪ ويران جڳهہ بڻبو. ڪوبہ انسان اتي نہ رهندو، هائو، ڪوبہ بني بشر اتي ڏسڻ ۾ نہ ايندو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙي وڏي قوم کي اٿاريو پيو وڃي، يعني اتر واري ملڪ کان هڪ لشڪر اچي ٿو.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو.


۽ عيسوءَ ۽ سندس نسل سان نہ. سندن جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم ۽ سندن ملڪ جھنگلي گدڙن جي حوالي ڪري ڇڏيم.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan