Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن. اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن، ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 منهنجو تنبو لٽجي ويو آهي، ۽ منهنجون سڀ طنابون ڇڄي پيون آهن: منهنجا ٻار مون وٽان هليا ويا آهن ۽ موجود ناهن: ڪوبہ ڪونهي جو وري منهنجو تنبو هڻائي ۽ منهنجا پردا کڙا ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:20
12 Iomraidhean Croise  

جيڪي ماڻهو مون کي هينئر ڏسن ٿا، سي منهنجي موت بعد مون کي وري نہ ڏسندا. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس جو جڏهن خدا مون ڏانهن نهاريندو، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.


بدڪارن جي جڏهن پڇاڙي ٿئي ٿي، تڏهن هو هميشہ لاءِ نيست وَ نابود ٿيو وڃن. مگر سچار ماڻهن جا گھراڻا هميشہ قائم رهندا ٿا اچن.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


جيڪي تو منجھہ ڄاوا آهن، تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو تنهنجي رهبري ڪري. هائو، جيڪي تو منجھہ پلي وڏا ٿيا آهن، تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مدد لاءِ تنهنجو هٿ وٺي.


جيئن ماڻهو اولاد جي وڌڻ ڪري پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ٿا ڪن، انهيءَ جا رسا ڊگھا ٿا ڪن ۽ انهيءَ جا ڪِلا مضبوط ٿا ڪن، تيئن ئي تون بہ ڍرائي نہ ڪر. هائو، پنهنجي آباديءَ جي حدن کي وڌائي ڇڏ.


پر اوهان کي آءٌ وري تندرست ڪندس ۽ اوهان جا ڦٽ ڇٽائيندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي دشمن ائين نہ چون تہ ’اي صيئون! تون تہ رد ڪيل آهين، ڪنهن کي بہ تنهنجي پرواهہ ناهي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي، ۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا، هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.


دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي.


اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي قوم جي عورتن کي سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو، جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan