Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ ”هاءِ! اسان جي خستہ‌حالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن! اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 منهنجي ايذاءُ تي افسوس! منهنجو زخم سخت آهي: پر مون چيو تہ سچ هيءُ منهنجو ئي ڏک آهي، ۽ مون کي ئي سهڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:19
17 Iomraidhean Croise  

مون ڄاتو ٿي تہ جيڪي بہ ٿيو آهي سو تو ئي ڪيو آهي، سو آءٌ گونگو بڻيل آهيان ۽ ڪا شڪايت نہ ٿو ڪريان.


پوءِ مون اهو سمجھيو تہ منهنجي ڏک جو سبب هي آهي، جو خدا تعاليٰ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ هن وقت خداوند بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. پر آءٌ خداوند تي ڀروسو ٿو رکان ۽ منهنجي اميد آهي تہ اڳتي هلي انهن تي عمل ڪيو ويندو.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ ’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين، تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر. بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن، ۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.


جيئن تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، سو اسين سندس ڪاوڙ سهندا رهنداسين، ايستائين جو هو پاڻ اچي اسان کي بچائي. هائو، نيٺ تہ هو اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندو، ۽ اسان کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندو. بيشڪ هن جي ئي هٿان اسين پاڻ کي بچندي ضرور ڏسنداسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan