Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين جيڪي گھيري هيٺ آهيو، پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪندي پنهنجي مڏي ميڙي گڏ ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 اڙي تون جو گهيري اندر ٿو رهين، سو هن ملڪ مان پنهنجي ڳٺڙي کڻي نڪري وڃ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:17
6 Iomraidhean Croise  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن منجھہ ئي اوهان جي سڀني شهرن ۾ اها قوم اوهان جو گھيرو ڪندي، جيستائين اوهانجيون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون جن تي اوهان جو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan