Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:14
20 Iomraidhean Croise  

خداوند عرش عظيم تان هيٺ بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي.


هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بي‌وقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟


تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


يقيناً آءٌ انسان نہ پر جھنگلي حيوان جيان آهيان، جنهن ۾ ڪا انساني سمجھہ بلڪل آهي ئي ڪين.


پر جيڪي تراشيل مورتين تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ انهن بتن کي پنهنجو خدا ٿا سڏين، سي ڏاڍا خوار خراب ۽ بي‌عزت ٿيندا.“


ياد رکو، اهي سڀيئي خوار خراب ٿيندا، جيڪي انهن جي پوڄا ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهن جا جوڙيندڙ رڳو انسانذات آهن. ڀلي تہ اهي سڀ اچن ۽ گڏجي عدالت ۾ بيهن. بيشڪ اهي ڊڄي ويندا ۽ گڏجي خوار خراب ٿيندا.


جيڪي بہ بت جوڙين ٿا، سي سڀ پريشان ۽ خوار خراب ٿيندا. هائو، اهي سڀ گڏجي ذليل وَ خوار ٿيندا.


توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون، ۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان، تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“


جڏهن تہ هي سڀ بي‌عقل ۽ بي‌وقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!


انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس سسي ۽ ٻئي هٿ در جي چانئٺ تي وڍيا پيا آهن. رڳو سندس ڌڙ باقي بچيل هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan