Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:13
23 Iomraidhean Croise  

جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.


پوءِ الياس نبيءَ اخي‌اب بادشاهہ کي چيو تہ ”تون هاڻي اُٿي کاءُ پيءُ، ڇاڪاڻ تہ مون کي گھڻي مينهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي.“


ڀلا، ڇا تون برف جي گدامن ۾ داخل ٿيو آهين؟ يا تو ڳڙن جا گدام ڏٺا آهن؟


تون پنهنجي عرش منجھان جبلن تي مينهن وسائين ٿو، تنهنجي قدرت سان زمين جھجھي پيداوار ڏئي ٿي.


انهن کي ڪن بہ آهن پر اهي ٻڌي نہ ٿا سگھن. توڙي جو کين وات آهي، تڏهن بہ اهي ساهہ کڻي نہ ٿا سگھن.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


تڏهن خدا تعاليٰ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هائو، خداوند آسمان مان گجيو.


هائو، انهيءَ جي واکاڻ ڳايو، جيڪو آسمانن تي سواري ڪري ٿو، انهن آسمانن تي جيڪي ازل کان قائم آهن. ڏسو، هو پنهنجو آواز ٻڌائي ٿو، جيڪو قدرت وارو آواز آهي.


سو موسيٰ پنهنجي لٺ آسمان ڏانهن بلند ڪئي تہ خداوند گجگوڙ ۽ ڳڙا موڪليا. زمين تي وڄ ڪرڻ لڳي ۽ مصر جي ملڪ تي


ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“


آءٌ خداوند هن شهر يروشلم کي لاشن سان ڀري توفت جيان پليت ڪري ڇڏيندس. هن هنڌ سان ۽ هتان جي رهاڪن سان آءٌ ائين ئي ڪندس، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي بادشاهن جي محلن توڙي يروشلم جي انهن سڀني گھرن جي ڇتين تي اوهان آسماني ستارن لاءِ لوبان ساڙيو آهي ۽ غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون اٿوَ.‘“


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan