Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:2
18 Iomraidhean Croise  

اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


جيئن تہ هو اڃا دسترخوان تي ويٺا ئي هئا تہ اهو نبي سڏائيندڙ پوڙهو، جيڪو خدا جي ٻانهي کي موٽائي وٺي آيو هو، تنهن سان خداوند ڳالهايو.


منسي وفات ڪري وڃي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس پنهنجي محل جي باغ عزا ۾ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امُون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


تنهن تي ملڪ جي ماڻهن وري انهن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، جن بادشاهہ امُون جي خلاف سازش ڪئي هئي. پوءِ هنن امُون بادشاهہ جي پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻايو.


پنهنجي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يوسياہ بادشاهہ پنهنجي شاهي محرر سافن ولد اصلياہ ولد مسلام کي خداوند جي گھر موڪليو. هن کيس چيو تہ


پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“


خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ


”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.


جڏهن حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي، تنهن کان ٿوري دير پوءِ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ


يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


هي خداوند جو اهو پيغام آهي جيڪو يوايل ولد فتوايل جي معرفت ڏنو ويو.


هڪڙي ڏينهن يونس بن اَمتيءَ کي خداوند فرمايو تہ


يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.


هي خداوند جو اهو فرمان آهي، جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ صفنياہ ولد ڪُوشي ولد جِدلياہ ولد امرياہ ولد حزقياہ تي نازل ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan