Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 ۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:16
44 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘


تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


بلڪ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو ۽ بعل ديوتائن جي پوڄڻ لاءِ پلٽيل مورتيون ٺهرايائين.


انهيءَ ڪري جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪيون اٿن، ۽ پنهنجي ئي اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، تنهنڪري منهنجو قهر يروشلم تي نازل ٿيندو جيڪو هرگز جھڪو نہ ٿيندو.


پر جيڪڏهن اوهين ڦري ويندا ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اوهان کي ڏنا آهن تن تي عمل نہ ڪندا ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ انهن اڳيان سر جھڪائيندا،


ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.


هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا.


هاڻ ماڻهو وري انهيءَ ساڳي وڻ کي باهہ ۾ ٻارڻ واسطي ڪم آڻين ٿا، جن مان ڪجھہ ٻاري هو پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ ڪجھہ ٻاري انهن تي رڌپچاءُ ڪن ٿا. وري ڏسو تہ اهي ساڳي ئي وڻ جي ڪجھہ حصي مان هو بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪن ٿا! هائو، انهيءَ وڻ جي ڪاٺ کي اُڪري انهيءَ مان مورتيون ٺاهي انهن آڏو پنهنجو سر ٿا جھڪائين.


اها هڪ اهڙي بي‌شرم قوم آهي، جيڪا هر وقت مون کي چڙ ڏياريندي ٿي رهي. اهي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ قربانيون ٿا پيش ڪن، ۽ بتن جي قربان‌گاهن تي لوبان ٿا ساڙين.


اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن. هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا ۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو.


تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا.


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


تڏهن تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي سجدا ڪري کين پوڄيائون. اهڙيءَ طرح هنن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي شريعت تي نہ هليا.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


پر اهو هڪڙو سخت واءُ هوندو جيڪو منهنجي طرفان هوندو. انهن تي اها فتويٰ آءٌ خداوند ڏيان ٿو.“


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ خداوند کين سزا ڏيندس، آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو وٺندس.


انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟ ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، جن ۾ ساهہ ئي ڪونهي.


تون نہ ٿو ڏسين ڇا تہ هو کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ پوري يهوداہ جي شهرن ۾ ڇا ٿا ڪندا وتن؟


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو.


آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.


اهي آهن اسرائيل وارن جا ڪرتوت جو انهن منجھان ڪنهن ڪاريگر پنهنجي هٿن سان اهو گابو جوڙيو آهي، ۽ اهي انهيءَ کي ئي پنهنجو خدا سمجھن ٿا. سامريہ جي انهيءَ سوني گابي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويندو.


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي قرباني ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.


جن جن ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ خداوند اوهان تي لعنت، گھمسان ۽ ملامت موڪليندو، ايستائين جو اوهين جلدي بلڪل تباهہ ۽ برباد نہ ٿي وڃو. اهو سڀ اوهان جي خراب ڪمن جي ڪري ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي ڏيندا.


خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اوهان سان هيتري تائين چڱائي پئي ڪئي آهي، سو اوهان کان منهن ڦيرائي ويندو ۽ اوهان تي مصيبت آڻيندو. هو اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.“


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan