يرمياہ 1:15 - Muslim Sindhi Bible15 هائو، آءٌ ئي اتر وارين بادشاهتن جي سڀني ماڻهن کي سڏائڻ وارو آهيان. انهن جا بادشاهہ ڪاهہ ڪري ايندا ۽ ڪوٽ واري شهر يروشلم ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن کي چوڌاري گھيرو ڪندا. هو يروشلم جي ڪوٽ واري هر دروازي تي پنهنجو شاهي اختيار قائم ڪندا. Faic an caibideilSindhi Bible15 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر دنيا جي انهن بادشاهتن جي لشڪرن سميت، جيڪي سندس ئي راڄ هيون، يروشلم ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سان جنگ ڪري رهيو هو. ان وقت خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون يرمياہ کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ لاءِ هي پيغام ڏنو تہ ”آءٌ هي شهر يروشلم بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو ان کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.
آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.