Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”تو صحيح ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي فرمان کي پوري ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿو رهان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:12
15 Iomraidhean Croise  

تهڙيءَ ئي طرح منهنجو فرمان بہ هوندو، جيڪو منهنجي واتان ٿو نڪري. اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، بلڪ جيڪي آءٌ چاهيان ٿو سو پورو ڪندو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو، تنهن ۾ اهو ڪامياب ٿيندو.


پوءِ خداوند ٻيو ڀيرو مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان، جنهن جو منهن اتر طرف کان هيڏانهن جھڪيل آهي.“


تڏهن خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”انجير. چڱا انجير تمام سٺا آهن، پر خراب انجير اهڙا تہ خراب آهن، جو کائڻ جي لائق ئي ناهن.“


جهڙيءَ طرح مون مٿن چوڪسي رکندي سندن پاڙون پٽيون، کين ٽڪرا ٽڪرا ڪيم، سندن تختو اونڌو ڪيم ۽ کين تباهہ وَ برباد ڪيم، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ انهن کي پوکڻ ۽ نئين سر اڏڻ ۾ مٿن چوڪسي رکندس.


پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“


تڏهن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“


تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي.


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


جڏهن خداوند اوهان جو اهو ڳالهائڻ ٻڌو، تڏهن مون کي چيائين تہ ’هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو سو مون ٻڌو آهي. هنن جو چوڻ درست آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan