Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 اوهان جي دولت سڙي ڪِني ٿي ويئي، ۽ اوهان جا ويس وڳا ڪينئن کائي چٽ ڪيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 سمجھي ڇڏيو تہ اوهان جو مال ملڪيت ڳري سڙي ويو ۽ اوهان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 اوھان جو مال ملڪيت سڙي ڪنو ٿي ويو ۽ اوھان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 5:2
10 Iomraidhean Croise  

اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهيءَ سڙيل ڳريل شيءِ وانگر اچي ٿيو آهيان، جيڪا فنا ٿيو وڃي. هائو، آءٌ انهيءَ ڪپڙي وانگر آهيان، جنهن کي تڏ کائي ويئي هجي.“


جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.


ڏسو، خداوند خدا منهنجو مددگار آهي، پوءِ ڪير مون کي ڏوهاري قرار ڏيندو؟ ياد رکو، منهنجا سڀ مخالف نيست وَ نابود ٿي ويندا. هائو، اهي تڏ کاڌل ڪپڙي وانگر ناس ٿي ويندا.


ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


سو آءٌ اسرائيل وارن تي بربادي آڻيندس، اها بربادي اهڙي هوندي، جيئن ڪينئان ماس کائي ڪنهن کي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ساڳيءَ طرح آءٌ يهوداہ وارن کي بہ ڳاري ساڙي ڇڏيندس.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


فرض ڪريو تہ ڪو ماڻهو سونيون منڊيون ۽ شاندار ڪپڙا پائي اوهان جي جماعت ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو هڪڙو غريب ماڻهو بہ اچي ٿو.


تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan