Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 4:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 پر هاڻي اوهين پنهنجي مغروريءَ جي ٻٽاڪ ٿا هڻو: اهڙيون ٻٽاڪون هڻڻ گناهہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 پر انهيءَ جي بدران اوهين ٻٽاڪون هڻي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر برو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 پر ھاڻي اوھين پنھنجين ٻٽاڪن تي فخر ٿا ڪريو. اھڙو سمورو فخر برو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 4:16
11 Iomraidhean Croise  

اي زورآور ظالم! تون بڇڙائيءَ تي ڇو ٿو فخر ڪرين؟ جڏهن تہ رڳو خدا جي رحمت ئي دائمي آهي.


”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي، جنهن خدا کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ نہ بڻايو، بلڪ پنهنجي گھڻيءَ دولت تي ئي ڀروسو رکيائين، ۽ پنهنجي بڇڙائيءَ ۾ پڪو ٿي ويو.“


واعدو ڪري ڦري ويندڙ ماڻهو، اهڙن ڪڪرن ۽ واءُ مثل آهن، جن مان برسات جي بوند ئي نہ ٿي وسي.


ايندڙ وقت بابت ٻٽاڪ نہ هڻو، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ هاڻي يا هاڻي کان پوءِ ڇا ٿيندو.


جيئن تہ تو پنهنجي بڇڙائيءَ تي ڀروسو رکيو، ۽ سمجھيو تہ ڪو ئي تو کي ڏسي نہ ٿو سگھي، بلڪ تنهنجي دانائيءَ ۽ تنهنجي علم تو کي گمراهہ ڪيو، ايتري قدر جو تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ’رڳو آءٌ ئي آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي،‘


سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ رن‌زال نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan