Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 3:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 3:8
13 Iomraidhean Croise  

انهن جي زبان موتمار نانگ جي ڏنگ وانگر آهي، هائو، انهن جا لفظ اهڙا آهن جيئن کپر نانگ جو زهر.


سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


انهن جو زهر اهڙو آهي جهڙو نانگ جو زهر هجي. هو ٻوڙي کپر نانگ وانگر آهن جيڪو پنهنجا ڪن بند ٿو رکي،


ڏس، اهي پنهنجي وات مان الٽيءَ جيان لفظ ٿا ڪڍن. هائو، انهن جي چپن منجھان تلوار جهڙا تکا لفظ ٿا نڪرن. هو ائين ٿا سمجھن تہ ”اسين جيڪي بہ ڪريون ٿا سو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“


بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙ کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو مصيبت ۾ ڦاسيو وڃي.


جيڪڏهن نانگ مدو مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ جوڳيءَ کي ڏنگي ٿو وجھي، تہ پوءِ انهيءَ جوڳيءَ کي مدو مقرر ڪرڻ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.


انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن.


هائو، اهي اهڙيءَ مئي جيان آهن، جهڙو نانگن، بلڪ ڪاريهر نانگ جو قاتل زهر هجي.


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


ڏسو، انسان هر قسم جي جانورن، پکين، جيت‌جڻن ۽ سامونڊي ساهوارن کي وس ۾ آڻي سگھي ٿو، بلڪ انهن کي وس ۾ آندو بہ اٿائين،


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan