Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس پرڀوءَ کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 1:7
7 Iomraidhean Croise  

سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.


اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan