Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِ⁠جو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 1:6
14 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ تون ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر ڇڙواڳ آهين، سو تو کي وڏائي ڪڏهن بہ حاصل ڪين ٿيندي، ڇو تہ تو منهنجي هنڌ تي، هائو، پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي ان کي پليت ڪيو آهي.


پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“


سو اُٿ ۽ هيٺ لهي وڃ. انهن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇو تہ مون ئي انهن کي موڪليو آهي.“


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن.


اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.


ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو خدا ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو ايمان رکڻ لازمي آهي تہ خدا موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس طلبگار ٿين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي خدا جي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.


اهڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند خدا انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.


اهي ماڻهو اهڙا چشما آهن، جن جو پاڻي سڪي ويو آهي ۽ اهي اهڙو ڪوهيڙو آهن، جنهن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آهي. انهن جي لاءِ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan