Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يعقوب 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يعقوب 1:12
49 Iomraidhean Croise  

ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“


”اي خداوند خدا! عظيم ۽ هيبت وارا خدا! تون انهن سان پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو ڪرين، جيڪي تو سان محبت ٿا ڪن ۽ تنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا.


پر ايوب چيس تہ ”اي بي‌وقوف عورت! تون اهو ڇا پيئي ڳالهائين؟ جڏهن اسين خدا جي هٿان چڱيون شيون قبول ٿا ڪريون، تہ پوءِ بريون شيون ڇو نہ قبول ڪريون؟“ انهن سڀني واقعن جي باوجود ايوب ڪفر نہ ڳالهايو.


”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار.


هو سچار ۽ بدڪار ٻنهي کي جاچي ٿو. سو جيڪو بدڪاريءَ ۽ ظلم کي پسند ڪري ٿو، تنهن کان هو نفرت ٿو ڪري.


مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.


منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


پر جيڪي تو وٽ پناهہ ٿا وٺن، سي سڀيئي شل شادمان ٿين! اهي سدائين خوشيءَ وچان گيت پيا ڳائيندا وتن. تون انهن کي بچاءِ تہ هو تو سان گڏ شادمان رهن، هائو، اهي ئي جيڪي تنهنجي نالي سان پيار ٿا ڪن.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.


سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.


بيشڪ قديم وقت کان وٺي ڪنهن بہ ماڻهوءَ تو جهڙو خدا نہ ڪڏهن ٻڌو آهي ۽ نہ ڏٺو آهي، جيڪو انهن لاءِ اهڙا ڪم ڪري ڏيکاري، جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو ابنِ آدم جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.


ثابت قدميءَ مان خدا جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“


پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.


هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ.


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.


اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ.


پنهنجو پاڻ کي خدا وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو پيغام صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو.


ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.


انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.


پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.


اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.


جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نهايت عظمت واري روح جي ڇانوَ اوهان تي آهي.


هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


اسين پيار انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پهريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آهي.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan