يسعياہ 9:18 - Muslim Sindhi Bible18 جهڙيءَ طرح باهہ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي ساڙي ٿي ڇڏي، تهڙيءَ طرح ماڻهن جي بدڪاري سندن ملڪ کي ساڙي ناس ڪري ٿي ڇڏي، هائو، اهڙي باهہ وانگر، جيڪا ٻيلي جي گھاٽن وڻن منجھہ ڀڙڪي اُٿي ٿي، ۽ جنهن جو دونهون گھاٽن ڪڪرن جي صورت ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو. Faic an caibideilSindhi Bible18 ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا. Faic an caibideil |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.