يسعياہ 9:15 - Muslim Sindhi Bible15 بزرگ ۽ معزز ماڻهو مٿي مثل آهن، ۽ نبي سڏائيندڙ جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، سي پڇ مثل آهن، Faic an caibideilSindhi Bible15 تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي. Faic an caibideil |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.