Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 9:13
24 Iomraidhean Croise  

آخز بادشاهہ پنهنجي تنگيءَ وارن ڏينهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ خداوند جو نافرمان ٿي پيو.


ان کان علاوہ جيڪي خدا کي رد ڪندڙ آهن، سي پنهنجي غصي کي قائم رکندا ٿا اچن، ايتري قدر جو جڏهن خدا کين سزا ٿو ڏئي، تڏهن بہ اهي کيس مدد لاءِ نہ ٿا پڪارين.


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


مصر ۾ ڪوبہ اهڙو نہ هوندو، جيڪو ملڪ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي، پوءِ اهو شاهوڪار هجي توڙي غريب، خاص هجي توڙي عام.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.


آءٌ هر شهر مان اوهان کي وائُري بُهہ وانگر واءُ ۾ اُڏائي ڇڏيندس. هائو، اوهين جيڪي منهنجي قوم آهيو، تن کي آءٌ بي‌اولاد ڪندس ۽ اوهان تي تباهي آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پاڻ کي ڪين سڌاريو آهي.


آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏ تہ سندن ملڪ گناهن سان ڀرجي ويو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي غضب وچان سندن ملڪ تي مينهن ڪونہ وسائيندس.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تيئن ئي هيءَ سڄي آفت اسان تي نازل ٿي آهي. انهيءَ هوندي بہ اسان تو خداوند پنهنجي خدا جي رضامندي نہ چاهي، جو اسين پنهنجي بدڪارين کان باز اچون ها ۽ تنهنجي ابدي سچائيءَ ڏانهن ڌيان ڌريون ها.


پوءِ آءٌ انهن کي ڇڏي پنهنجي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويندس، ايستائين جو هو پنهنجا ڏوهہ نہ قبولين ۽ منهنجا طالبو نہ ٿين، ۽ مصيبت واري انهيءَ وقت ۾ دل وَ جان سان مون کان ئي مدد طلب نہ ڪن.“


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. تنهن هوندي بہ هو مون خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ڪين ٿا ٿين، ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ هو منهنجا طالبو نہ ٿا ٿين.


مون کي ڇڏي هو انهن ڏانهن ٿا وڃن، جيڪي سندن ڪابہ مدد ڪري نہ ٿا سگھن. اهي غير معبود اهڙي تيرڪمان مثل آهن، جيڪو مهل تي دوکو ڏيو وجھي. سندن مغرور اڳواڻن جي بڪواس ئي کين جنگ ۾ مارائيندي، انهيءَ سبب سڀني اسرائيل وارن تي مصر ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.“


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan