Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 8:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي غير قومون! ڀلي اوهين جنگ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي وڃو، پر ياد رکو، اوهان سڀني کي چيڀاٽيو ويندو. ڪن ڏيئي ٻڌو، اي ڏورانهن ملڪن جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر اوهين دهشت ۾ وٺجي ويندا. هائو، اوهين ڀلي جنگ لاءِ سندرو ٻڌو، پر ياد رکو، دهشت اوهان کي وڪوڙي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 8:9
24 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ اخي‌اب جواب ڏنو تہ ”وڃي بن‌هدد کي ٻڌايو تہ ’جنگي جوڌا جنگ کان پوءِ ٻٽاڪون هڻندا آهن، جنگ کان اڳ ۾ نہ.‘“


يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.


سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.


سو خداوند جو هڪڙو ملائڪ اشورين جي لشڪرگاهہ ۾ ڪاهي پيو ۽ اٽڪل هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. صبح جو سوير ماڻهو ڇا ڏسن تہ رڳو لاش ئي لاش پيا آهن.


ڏس، جيڪڏهن تو تي ڪو حملو ڪندو، تہ اهو منهنجي طرفان نہ هوندو. بلڪ تو تي حملو ڪندڙ تنهنجي ڪري قتل ڪيا ويندا.


جنهن بابل جي بادشاهہ کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کان هاڻ نہ ڊڄو. ان کان ڪوبہ خوف نہ ڪريو، ڇو تہ آءٌ خداوند اوهان سان گڏ آهيان. آءٌ اوهان کي بچائيندس ۽ هن جي هٿان ڇڏائيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مصر جا سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڪن تہ ’پنهنجيون ڍالون تيار ڪريو ۽ جنگ لاءِ نڪري هلو.


گھوڙن تي سنج وجھي مٿن سوار ٿيو. پنهنجا لوها ٽوپ پائي جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيهو. پنهنجن نيزن کي تيز ڪريو ۽ زرهون پائي ڇڏيو.‘


خداوند چوي ٿو تہ ”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين، تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين، تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون.


سو تون تيار رهہ. هائو، تون پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي سمورن ٽولن کي جيڪي تو وٽ اچي گڏ ٿيا هوندا، تن سڀني کي تيار رک. هائو، تون کين پنهنجي ضابطي ۾ رکي انتظار ڪر.


ڪجھہ سالن کان پوءِ آءٌ تو کي بني اسرائيل جي انهيءَ ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندس، جيڪو جنگ جي ڪري تباهہ ٿي ويو هو. انهيءَ ملڪ کي گھڻي وقت لاءِ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪي ڪنهن وقت جلاوطن ٿي گھڻين غير قومن منجھہ رهندا آيا آهن، سي پنهنجي وطن ۾ اچي آباد ٿيندا. هائو، اهي سڀيئي بني اسرائيل امن وَ سلامتيءَ سان پنهنجي ملڪ جي جابلو علائقن ۾ رهندا.


انهن سڀني بادشاهن پنهنجيون پنهنجيون فوجون آڻي گڏ ڪيون ۽ ميروم نديءَ وٽ هڪ هنڌ تنبو کوڙيائون تہ جيئن بني اسرائيل سان گڏجي جنگ ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan