Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي ڏس، آءٌ پروردگار ارام ۽ اسرائيل ملڪن تي اشور جو شهنشاهہ سندس پوري لشڪر سان چاڙهي آڻيندس. اهي فرات نديءَ جي تمام زور واري سيلابي پاڻيءَ جيان اچي مٿن ڪڙڪندا، جيڪو پاڻي پنهنجي سڀني نهرن جا ڪنارا ڀڃي ڌوڪيندو ايندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهن ڪري هاڻي ڏس، خداوند انهن تي فرات نديءَ جو زور وارو پاڻي آڻي ٿو، يعني اسور جو بادشاهہ ۽ ان جو سارو جلال، ۽ اهو ان جي سڀني نهرن تي، ۽ ان جي سڀني ڪنڌين تي چڙهي ايندو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 8:7
38 Iomraidhean Croise  

آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.


تنهنڪري خداوند اشور جي شهنشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي تہ ’هو هن شهر ۾ داخل ٿي نہ سگھندو، نڪي شهر تي ڪو تير هلائي سگھندو. سندس ڪوبہ سپاهي ڍال کڻي شهر جي ويجھو نہ ايندو، ۽ نہ وري هو انهيءَ جي چوڌاري دِڪا ئي ٺاهي سگھندا.


بلڪ اهو خط انهن سڀني ماڻهن جي صلاح سان آهي، جن کي سندن شهرن مان بزرگ ۽ عالي مرتبہ اسنفر لڏائي آڻي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ ٻين هنڌن تي آباد ڪيو هو.“


هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي.


اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


اشور جي شهنشاهہ جي ٻٽاڪن سبب خداوند، قادرِمطلق خدا، سندس ٿلهن متارن جوانن کي سزا ڏيڻ لاءِ منجھن ڳاري ڇڏيندڙ بيماريون موڪليندو. هو سندس شان وَ شوڪت جي بجاءِ، هن جي بادشاهت ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ ڀڙڪائي ڇڏيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي اشور قوم لاءِ! جيڪا منهنجي لٺ مثل آهي، جنهن سان آءٌ انهن کي سزا ٿو ڏيان جن تي آءٌ ڪاوڙ ٿو ڪريان.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


ياد رکو، پروردگار وٽ هڪڙو اهڙو طاقتور ۽ زبردست شخص موجود آهي، جيڪو ڳڙن واري طوفان، برباد ڪندڙ واچوڙن، ۽ ٻوڏ جي جھجھي پاڻيءَ جي وهڪري وانگر سامريہ وارن کي زور سان ڌرتيءَ تي اڇلائي وجھندو.


جڏهن اوهان تي ڪا ٻوڏ اچي ڪڙڪندي، تڏهن آءٌ اوهان سان ساڻي ٿيندس. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن تڪليف مان گذرندا، تہ آءٌ اها اوهان تي غالب پوڻ نہ ڏيندس. يا وري جڏهن اوهين ڪنهن باهہ ۾ ڦاسي پوندا، تڏهن ڪو شعلو اوهان کي نہ ساڙيندو. هائو، جڏهن اوهين ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسندا، تہ اوهان کي ڪو نقصان نہ رسندو.


هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.


”ڏس، اتر کان لشڪر ڪيئن نہ ٻوڏ جيان چڙهندا ٿا اچن! اهي هڪ طوفاني ٻوڏ بڻجي ويندا ۽ اٿلي فلستي ملڪ جي هر شهر ۽ ان جي هر رهاڪوءَ، بلڪ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي تنهن کي ٻوڙي ڇڏيندا. ان وقت ملڪ جا سڀ رهاڪو دانهون ڪندا ۽ روئندا رڙندا،


دشمن لشڪر بابل تي هڪ سمنڊ جيان اٿلي پوندا، ۽ گجندڙ ڇولين وانگر بابلين کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندا.


بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون.


ان کان پوءِ شام جي بادشاهيءَ تي ايندڙ سندس پٽ بہ جنگ لاءِ تياري ڪندي وڏا لشڪر گڏ ڪندا رهندا. انهن مان هڪڙو زبردست ٻوڏ وانگر مصر تي ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪندي ڪندي شاهي قلعي تائين پهچي ويندو.


هو زبردست لشڪرن کي پنهنجي اڳيان ٻُهاري نيست وَ نابود ڪري ڇڏيندو، ايتري قدر جو مقدس هيڪل جي سردار ڪاهن کي بہ نہ ڇڏيندو.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.


خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين.


پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.


اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو.


پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan