يسعياہ 8:19 - Muslim Sindhi Bible19 جڏهن ماڻهو اوهان کي مِڻ مِڻ ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن بابت چون تہ ”اچو تہ انهن کان پڇون. اسان لاءِ اهو مناسب آهي تہ اسين روحن جا طلبگار ٿيون. ڇا جيئرن بابت مئلن کان پڇا ڪرڻ بهتر نہ آهي؟“ Faic an caibideilSindhi Bible19 ۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟ Faic an caibideil |
انهيءَ کان علاوہ يوسياہ بادشاهہ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ مورتين، بتن ۽ ٻين ڪراهت جهڙين شين، جيڪي يروشلم شهر توڙي سڄي يهوداہ جي ملڪ ۾ گھرن منجھہ توڙي ٻاهر ڏسڻ ۾ اينديون هيون، تن سڀني جي پاڙ پٽي ڇڏي. هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن شريعت جون ڳالهيون قائم ڪري جيڪي انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل هيون جيڪو سردار ڪاهن خلقياہ خداوند جي گھر مان لڌو هو.