خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بيوقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.
جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“