Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هائو، انهن مان گھڻا ئي ٿاٻڙجي ڪرندا ۽ چيڀاٽجي ويندا ۽ گھڻا ئي پڪڙي جلاوطن ڪيا ويندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ انهيءَ تي گهڻا ئي آٿڙندا، ۽ ڪرندا، ۽ ڀڄي پوندا، ۽ ڦاسي پوندا، ۽ گرفتار ٿيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 8:15
12 Iomraidhean Croise  

سو هاڻي هو پاڻ اوهان کي ”امان ابا، امان ابا،“ جهڙو سبق سيکاريندو، اهو هي هوندو جو اوهين وک وک تي ٿاٻو کائي ڪرندا، زخمي ٿيندا، ڦاسايا ويندا ۽ گرفتار ڪيا ويندا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون. هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون، ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ. اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون، جيئن رات جو اونداهيءَ ۾. اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.


تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“


تنهن تي عيسيٰ جا گھڻا ئي شاگرد کانئس ڦري موٽي هليا ويا.


ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن ايمان رکڻ جي وسيلي نہ، پر شريعت تي عمل جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.


پر اسين صليب تي چاڙهيل مسيح جي منادي ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan