Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1-2 خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهي تي صاف اکرن ۾ لک تہ مهير شالال حاش باز لاءِ:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 8:1
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تان‌تہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،


اي منهنجا شاگردؤ! اوهين خدا جي ڏنل پيغامن ۽ تعليم کي مُهر لڳائي محفوظ ڪري رکو،


ڪجھہ عرصي بعد منهنجي زال پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄڻيائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو ’مهير‌شالال‌حاش‌باز‘ رک.


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.


”تون چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو کڻ ۽ ان تي اهي سڀ ڳالهيون لک، جيڪي مون تو سان يوسياہ جي بادشاهيءَ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل ۽ يهوداہ وارن ۽ ٻين سڀني قومن متعلق ڪيون آهن.


”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي.


تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.


انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.


ملائڪ شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan