Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هو تنهنجي ملڪ يهوداہ تي چڙهائي ڪن ۽ اتي وارن کي ڏهڪائي سندن ملڪ تي قبضو ڪن، پوءِ انهيءَ منجھہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 هلو تہ هلي يهوداہ تي ڪاهي انهن کي ستايون، ۽ انهي ۾ پنهنجي لاءِ ڀڃي رستو ڪريون، ۽ انهي منجهہ طابيل جي پٽ کي بادشاهہ ڪري ويهاريون:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 7:6
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.


پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو.


هاڻ وري اوهين خداوند جي بادشاهت سان مقابلي ڪرڻ جا منصوبا ٿا ٺاهيو، جيڪا دائود جي اولاد جي هٿن ۾ آهي. اها حقيقت آهي تہ اوهين هڪ وڏو لشڪر آهيو ۽ اوهان وٽ سونا گابا بہ آهن جيڪي يربعام ٺاهي اوهان کي معبود ڪري ڏنا آهن.


انهيءَ هوندي بہ خداوند دائود جي گھراڻي کي ناس ڪرڻ نہ گھريو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان عهد اقرار ڪيو هئائين تہ کانئس پوءِ سندس اولاد مان هميشہ تائين هڪڙو حڪمران رهندو ايندو.


بادشاهہ آخز کي سندس گناهن جي ڪري خداوند سندس خدا ارام ملڪ جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري. سو ارامي سندس ماڻهن مان گھڻن کي قيدي بڻائي دمشق شهر ڏانهن وٺي آيا. تنهن کان پوءِ خداوند وري کيس اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ هٿان شڪست ڏياري، جنهن يهوداہ جي لشڪر ۾ وڏو ڪوس وڌو.


جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.


اهي تنهنجي قوم جي خلاف ٺڳيءَ جا ٺاهہ ٿا ٺاهين، هائو، تنهنجي پناهہ ۾ رهندڙن خلاف سازشون ٿا سِٽين.


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.


بيشڪ ارام ۽ اسرائيل جي بادشاهن تنهنجي خلاف بڇڙائيءَ جو منصوبو ٺاهيو آهي تہ


پر آءٌ خداوند واعدو ٿو ڪريان تہ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو،


”جيئن تہ يهوداہ وارن شيلوخ جي نرميءَ سان وهندڙ پاڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ڏانهن راضي خوشيءَ مائل ٿيا آهن،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan