Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 7:2
28 Iomraidhean Croise  

تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“


پر منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ يروشلم شهر جي خاطر جنهن جي زمين مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي آهي هڪڙو قبيلو دائود جي نسل هيٺ رهندو.


جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.


اُهو ماڻهو خدا جي حڪم سان قربان‌گاهہ خلاف وڏي واڪي چوڻ لڳو تہ ”قربان‌گاهہ! اي قربان‌گاهہ! خداوند فرمائي ٿو تہ ’ڏس، دائود جي گھراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو. اُهو غير معبودن وارن پوڄا گھرن جي انهن مذهبي اڳواڻن کي تو تي قرباني ڪندو جيڪي اڄ تو تي قربانيون پيش ڪن ٿا. هائو، انساني هڏا تو تي ساڙيا ويندا.‘“


تنهن کان پوءِ امصياہ افرائيم ملڪ کان آيل انهيءَ لشڪر وارن کي موڪل ڏيندي چيو تہ اهي پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن هليا وڃن. انهيءَ ڳالهہ تي اهي يهوداہ وارن تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ سخت غصي وچان پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.


تڏهن اسرائيل جا اڳواڻ عزرياہ ولد يهوحنان، برڪياہ ولد مسليموت، يحزڪياہ ولد سلوم ۽ عماسا ولد خدلي جيڪي افرائيم قبيلي مان هئا، تن جنگ تان موٽندڙن سان مهاڏو اٽڪايو.


آءٌ خداوند جي پناهہ ۾ آهيان، پوءِ اوهين مون کي هيئن ڇو ٿا چئو تہ ”تون پکيءَ وانگر جبل تي اڏامي وڃ.“


بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


آءٌ خداوند دائود جي گھراڻي جون سموريون چاٻيون انهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندس. سو هو پوري اختيار سان هر ڪم ڪندو. هو جيڪا شيءِ کوليندو سا ڪوبہ بند ڪري نہ سگھندو ۽ جيڪا شيءِ هو بند ڪندو تنهن کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو.


اتي جا ماڻهو ڪمزور ثابت ٿيا، ۽ خوف وچان سندن ڪنڌ جھڪي ويا. اهي ٻنيءَ جي ٻوٽن، ساون نازڪ سلن ۽ ڇت تي ڦٽندڙ گاهہ وانگر هئا، جيڪو جھولي واري گرم هوا لڳڻ سان سڪي سڙي وڃي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


تنهن هوندي بہ اي آخز! تو تي، تنهنجي پوري شاهي گھراڻي تي بلڪ سڀني يهوداہ وارن تي خداوند اهڙا تہ مصيبت جا ڏينهن آڻيندو، جهڙا اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڏينهن کان وٺي هيستائين نہ آيا آهن، يعني اشور جو شهنشاهہ اوهان جي ملڪ يهوداہ تي ڪاهہ ڪري ايندو.


بيشڪ ارام ۽ اسرائيل جي بادشاهن تنهنجي خلاف بڇڙائيءَ جو منصوبو ٺاهيو آهي تہ


”جن سڀني ڳالهين کي هيءَ قوم سازش چوي ٿي، تن کي اوهين سازش نہ چئو. جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا، تن کان اوهين نہ ڊڄو. هائو، اوهين بلڪل نہ گھٻرايو.


گاديءَ واري شهر سامريہ وارن سميت اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن کي اهو معلوم ٿي ويو آهي. پر مغروريءَ ۽ هٺ وچان چيو اٿائون تہ


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


هيروديس بادشاهہ جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan