Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 7:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اهي ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪندا ۽ سڪل برساتي نهرن توڙي ٽڪرين جي چرن ۾، ايتري قدر جو سڀني چراگاهن توڙي ڪنڊن ڪانڊيرن تي بہ ڇانئجي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ اهي سڀ اچي ويران وادين ۾، ۽ ٽڪرن جي چرن ۾ ۽ سڀني ڪنڊين تي، ۽ چراگاهن تي ويهنديون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 7:19
11 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري خداوند هنن تي اشوري لشڪر جي سپهہ‌سالارن کان ڪاهہ ڪرائي. اهي منسيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ نڪ ۾ ناڪيلي وجھي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويا.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.


جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


هائو، سڄو ملڪ ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن سان ڀريل هوندو، جتي ماڻهو رڳو شڪار ڪرڻ لاءِ ايندا.


جن ٽڪرين تي هينئر اوهين فصل پوکيو ٿا، تن تي ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن جي ڊپ کان ڪوبہ ماڻهو وڃي نہ سگھندو، بلڪ اهو هنڌ رڳو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جو چراگاهہ هوندو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي.


اهي پنهنجن مضبوط قلعن منجھان مٽيءَ ۾ سرندڙ نانگن ۽ جيتن وانگر ڏڪندي ۽ ڊڄندي ٻاهر نڪري ايندا. هائو، اهي خوف وچان ڏڪندي تو خداوند اسان جي خدا جا اچي تابعدار ٿيندا.


آءٌ کين جلاوطنيءَ مان ڇڏائي اشاري سان سڏي آڻي سندن وطن ۾ گڏ ڪندس. پوءِ هو جيئن اڳي تعداد ۾ گھڻا هئا تيئن ئي وڌي گھڻا ٿيندا.


اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan