يسعياہ 7:13 - Muslim Sindhi Bible13 تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو! Faic an caibideilSindhi Bible13 ۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟ Faic an caibideil |
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.
اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“