Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جو بادشاهہ آخز ولد يوتام ولد عُزياہ، جيڪو دائود جي نسل مان هو تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو ارام ملڪ جي بادشاهہ رضين ۽ بني اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي چڙهائي ڪئي، پر اهي غالب ٿي نہ سگھيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ آخز بن عزياہ جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو، تہ ارام جو بادشاهہ رضين، ۽ اسرائيل جو بادشاهہ فقحہ بن رملياہ، يروشلم سان جنگ ڪرڻ لاءِ اوڏي ويا؛ پر انهيءَ تي غالب پئي نہ سگهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 7:1
15 Iomraidhean Croise  

سندس مکيہ سالارن مان هڪڙي فقحہ ولد رملياہ نالي هن جي خلاف سازش ڪئي. هن پنجاهہ جِلعادين سان گڏجي سامريہ جي شاهي محل واري قلعي ۾ ارجُوب ۽ ارِيہ سان گڏ فقحياہ کي قتل ڪيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.


يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي ٻاونجاهين سال، فقحہ ولد رملياہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ويهہ سال بادشاهي ڪيائين.


انهن ڏينهن ۾ خداوند ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ کي يهوداہ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو.


فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي سترهين سال، آخز ولد يوتام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


بعد ۾ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ يروشلم تي ڪاهہ ڪري کيس گھيري هيٺ آندو پر مٿس قبضو ڪري نہ سگھيا.


هن ڪتاب ۾ يسعياہ ولد آموص جي رويا بيان ڪيل آهي، جيڪا هن يهوداہ جي بادشاهن عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ بابت ڏٺي.


”جيئن تہ يهوداہ وارن شيلوخ جي نرميءَ سان وهندڙ پاڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ڏانهن راضي خوشيءَ مائل ٿيا آهن،


انهيءَ ڪري خداوند انهن جي خلاف سندن مخالفن کي اٿاري کڙو ڪيو. هائو، هن سندن دشمنن کي مٿن چاڙهي آندو.


تو وٽ دستڪاريءَ جو بہ واپار گھڻو ٿيندو هو. تنهنڪري ادوم وارا تو وٽ زمرد، واڱڻائي ڪپڙو، چڪندوزي ڪم، سنهي وٽيل سڻيءَ جو عمدو ڪپڙو، مرجان ۽ لعل آڻيندا هئا.


انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.


يهوداہ جي ٽن بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي بادشاهتن جي دوران خداوند مون ميڪاہ مورشتيءَ کي اسرائيل ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سامريہ ۽ يهوداہ ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ يروشلم وارن بابت هي پيغام ڏنو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan