Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 66:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 66:3
19 Iomraidhean Croise  

سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“


اسين سڀ اهڙين رڍن وانگر آهيون، جيڪي پنهنجي رستي کان ڀٽڪي ٿيون وڃن. اسان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ٿو وڃي. پر خداوند اها سزا هن جي مٿان آندي، جڏهن تہ انهيءَ سزا جا حقدار اسين ئي هئاسين.


آءٌ سندن لالچ واري بڇڙائيءَ تي ڪاوڙيو هئس، سو مون کين سزا ڏني، ۽ ڪاوڙجي هنن کان منهن موڙي ڇڏيو هئم. پر اهي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا، ۽ پنهنجي دلپسند رستي تي هلندا رهيا.


اوهان سڀني کي ڪُٺو ويندو، جڏهن آءٌ اوهان کي ڳڻي ڳڻي تلوار جي حوالي ڪندس. انهيءَ سبب جو جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن اوهان ڪو جواب نہ ڏنو، جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان ڪو ڌيان نہ ڏنو. جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، بلڪ جيڪي مون نہ ٿي چاهيو سو اوهان پسند ڪيو.


آءٌ پنهنجي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهيو آهيان. پر اهي فسادي آهن، ۽ پنهنجي خيالن جي پيروي ڪندي خراب رستي تي ٿا هلن.


انهيءَ ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي پاڪ صاف بڻائي ديوتائن جي پوڄا وارن باغن ۾ وڃن ٿا ۽ جيڪي سوئر، ڪوئا ۽ ٻيون ڪراهت جهڙيون شيون کائين ٿا، تن سڀني کي آءٌ خداوند چٽ ڪري ڇڏيندس،


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


تڏهن حجيءَ کين خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”ساڳي ئي نموني منهنجي اڳيان بہ هي سڄي قوم ناپاڪ آهي. سو سندن هر پورهيو، بلڪ جيڪي ڪجھہ اهي قربان‌گاهہ تي پيش ٿا ڪن سو بہ ناپاڪ آهي.


بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اوڳارين نہ ٿا سي بہ اوهان جي لاءِ حرام آهن، خاص طور سوئر. انهن جانورن جو نہ تہ گوشت کائجو ۽ نہ وري سندن مڙهن کي هٿ لائجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.


وڃي پنهنجن انهن معبودن کي پڪاريو جن جي اوهان ڪڍ لڳا آهيو. ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي ڇڏائين.“


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل تي ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، هر ڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ئي ڪندو هو.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan