Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يسعياہ 66:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يسعياہ 66:1
20 Iomraidhean Croise  

پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


دائود بادشاهہ انهن جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ کين چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهد واري صندوق لاءِ آرام‌گاهہ ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پيرن جي صندلي ٺاهيان ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


جيڪو گھر آءٌ تعمير ڪرائڻ وارو آهيان سو تمام عاليشان هوندو، ڇو تہ اسان جو خدا سڀني معبودن کان وڌيڪ عظيم آهي.


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون تعمير ڪرايو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.


تڏهن اسان اتي چيو تہ ’اچو تہ خداوند جي گھر هلون، ۽ سندس پيرن جي صندليءَ آڏو هلي سجدو ڪريون.‘“


اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.


هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“


جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan